اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم سان شازيا مري جي ملاقات،انڪم پروگرام بابت بريفنگ

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سان غربت گهٽايو ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزير شازيا مري ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم کي وزارت جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم بلوچستان دوري دوران مستحق ماڻهن جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شموليت ۽ شاگردياڻين جي تعليم کي يقيني بنائڻ لاءِ وظيفا ۽ والدين کي امداد جي اعلان تي خراج تحسين پيش ڪيو. وڌيڪ وزيراعظم کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان گذريل حڪومت طرفان بنا تحقيق جي ڪڍيل 8 لک 20 هزار ماڻهن لاءِ اپيل جي نئين طريقيڪار تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان ڪڍيل ماڻهن کي ٻيهر شامل ڪرڻ لاءِ اپيل جو طور طريقو جوڙڻ خوش آئيند آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙا مستحق ماڻهو جيڪي بنا سبب ڪڍيا ويا، انهن کي شامل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button