پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران، شهرين جو ڌرڻو

مٺي: مٺي شهر جي مختلف ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي 3 مهينن کان بند بند هجڻ سبب رهواسي آزار ۾ اچي ويا آهن، جنهن خلاف شھرين روڊن تي نڪري سخت احتجاج ڪيو. مختلف ڪالونين جي رهواسين منسک سوٽهڙ، وجئه ساگر، ڪشور هميراڻي، نريندر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھرين احتجاجي مظاهرو ڪري مک شاهراهه بائي پاس روڊ تي ٽائين کي باهيون ڏئي ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٿر ڪول ايريا ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏين سميت سموري ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ايس ايڇ او مٺي ماجد ڪي ڪي پهچي روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان موقعي تي رهواسين ڳالهائيندي چيو ته اڪثر ڪالونين کي 3 مهينن کان پيئڻ جو پاڻي فراهم نه ٿيو آھي، اڃ وگهي مري رهيا آھيون، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جا ڪامورا رڳو ٻه چار مخصوص ڪالونين کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪري باقي 80 سيڪڙو آبادي کي پاڻي نٿا ڏين، جنهن سبب دربدر ۽ پريشان آھن، پاڻي ٽئنڪر مافيا معرفت وڪرو ٿئي پيو. پبلڪ هيلٿ جا ڪامورا بجيٽ ھڙپ ڪرڻ ۾ پورا آھن، پاڻي 3 مهينن کان بند آھي، پر ڪير نوٽيس وٺڻ وارو ناهي. چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا وٽ چڪر لڳائي ٿڪجي پيا آھيون، پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي. هنن گهر ڪئي ته اسان کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button