پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل نوجوان دم ڏئي ڇڏيو

ميھڙ: ميھڙ ۾ گذريل رات باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل نوجوان شھزادو پٽ منظور پنھور کي لاڙڪاڻي اسپتال کان ڪراچي نيو ويو، پر نوجوان رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو. وارث فوتي نوجوان جو لاش بنا پوسٽ مارٽم جي اباڻي ڳوٺ جادو شاخ کڻائي ويا، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته نوجوان 2 مھينا اڳ شادي ڪئي ھئي، نوجوان ڳوٺ مان لڏي اچي ميھڙ جي حاصل کوسو ۾ اچي ويٺو ۽ ھڪ نجي اسپتال ۾ ڊسپينسر طور ڪم ڪري پنھنجو پيٽ پاليندو ھو، نوجوان زندگي کان تنگ اچي اھڙي قدم کڻڻ تي مجبور بڻجي ويو. ميھڙ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل نوجوان کي لاڙڪاڻي اسپتال بعد ڪراچي نيو ويو ھو، جيڪو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. پوليس موجب سندس سئوٽ اڪبر پنھور جو چوڻ آھي ته اسان جي ڪنھن سان ڪا دشمني نه آھي، اطلاع آھن ته نوجوان پاڻ زندگي مان تنگ اچي پاڻ کي باهه ڏني، اسان ڪنھن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿا ڪرائڻ چاھيون. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو ۽ نه وري پوليس ڪيس داخل ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button