پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ جي او آر ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل نوجوان بازياب

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ قاسم آباد واسي نوجوان کي جي او آر پوليس طرفان حبس بجا ۾ رکڻ تي سول مئجسٽريٽ نمبر 3 جو ڇاپو، نوجوان هٿ. اڄ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم، پوليس کي ڇنڊ. خبر موجب قاسم آباد جي رهواسي حسين بخش دل سيشن جج حيدرآباد جي عدالت ۾ وڪيل نثار احمد ايس چانڊيو معرفت درخواست داخل ڪرائي ته حيدرآباد ۾ جي او آر پوليس منهنجي پٽ فدا حسين کي بيگناهه کنڀي وئي آهي. جنهن کي بازياب ڪرايو وڃي.

ان ڏس ۾ سيشن جج جي حڪم تي سول جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 3 جي جج جي او آر ٿاڻي تي ڇاپو هنيو، جتي نوجوان لاڪپ مان پيل هو. جج ايس ايڇ او کي ڇنڊ پٽي ته نوجوان تي ڪيس به داخل ناهي، اوهان حبس بجا ۾ ڇو رکيو آهي. جنهن تي جي او آر پوليس عدالت کي ٻڌايو ته نوجوان کي اي سيڪشن پوليس گرفتار ڪيو هو. ان پوليس اسان حوالي ڪيو آهي. جنهن تي جج پوليس جي ناراضگي جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو ته حبس بجا ۾ رکيل نوجوان کي اڄ سيشن جي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button