پاڪستانسنڌ

واڻڪي وسي جي قبضامافيا ۽ هٽڙي ٿاڻي جي پوليس خلاف مظاهرو

حيدرآباد: عوامي ورڪرز پارٽي ۽ سنڌ هاري پورهيت ڪميٽي جي سڏ تي واڻڪي وسي جي قبضامافيا ۽ هٽڙي ٿاڻي جي پوليس خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي ڪامريڊ عاليه بخشل، درياءَ خان چانڊيو، ڪامريڊ اقبال، ڪامريڊ بخشل ٿلهو ڪئي. اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته پاڻ کي ڳجهن ادارن جو آفيسر سڏائيندڙ شخص پنهنجن ساٿين ذريعي واڻڪي وسي ۽ ان جي ڀرپاسي جي غريبن ۽ مسڪينن ماڻهن جي زمينن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

هنن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ ڄاڻايل ماڻهن محمد حسن ۽ علي غلام جنجهه مٿان ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي انهن کي گرفتار ڪرايو، جڏهن ته محمد حسن ۽ علي غلام جنجهه جي مدد ڪرڻ تي هاري اڳواڻ ڪامريڊ مظفر لغاري کي به بنا ڪنهن ڏوهه جي هٽڙي ٿاڻي جي پوليس وچ ڳوٺ مان کنڀي تشدد جو نشانو بڻايو. هنن چيو ته پوليس ۽ بااثر ماڻهن غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. بيڏوهي ماڻهن کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري علائقي واسي خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، آواز اٿارڻ جي باوجود اهڙي ظلم ۽ ناانصافي کي ڪير به نٿو روڪي. هنن اپيل ڪئي ته بااثر ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري قبضا مافيا مان جان ڇڏائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button