پاڪستانسنڌ

حيدرآباد پوليس جي 4 ڏوهاري گرفتار ڪري ڦر ڪيل 50 لک هٿ ڪرڻ جي دعوى

حيدرآباد: حيدرآباد پوليس جي گهرن ۾ ڌاڙا هڻندڙ ۽ بينڪن کي ٽارگيٽ ڪري ڦرون ڪندڙ گينگ جي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل 50 لک رقم هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ پوليس هيڊڪوارٽر ۾ ايس ايس پي هيڊڪوارٽر انيل حيد منهاس، ايس ايڇ او حسين آباد نيڪ محمد کوسو ۽ ايس ايڇ او قاسم آباد سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته حيدرآباد، ڄامشورو ۾ ڌاڙا هڻندڙ 4 جوابدار گرفتار ڪيا آهن. جوابدارن جي گرفتاري جو ٽارگيٽ ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو کي ڏنو ويو هو. جوابدار گهرن ۾ ڌاڙا هڻڻ سان گڏ بينڪن مان پئسا ڪڍرائيندڙ شهرين کي ٽارگيٽ ڪري ڦورون ڪندا هئا.

جنهن ۾ گهرن ۾ ڌاڙا هڻندڙن گينگ جي سربراهه دادو واسي جوابدار لطيف پنهور، عبدالله گاڏهي، عباس لاکير ۽ لال ڏنو اوڏ کي گرفتار ڪيو آهي. جوابدار 100 ڪيسن ۾ 40 دفعا جيل ڀوڳي آيا آهن. لال ڏنو اوڏ قاسم آباد ۾ ڪار شوروم مالڪ کان 30 لک ۽ سجاد سولنگي کان 10 لک ڦر ڪيا هئا، ڦر ڪيل رقم ۽ لائسنس وارو پستول هٿ ڪري ورتو آهي، پوليس چيو ته گهرن ۽ بينڪن کي ٽارگيٽ ڪندڙ گروهه جو خاتمو آندو آهي. سندن ساٿي جلد گرفتار ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button