پاڪستانسنڌ

بدين ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

بدين: بدين ڀرسان ڳوٺ حيات سولنگي جي رهواسين محمد علي سولنگي، محمد رمضان سولنگي، اڳوڻي ڪائونسلر لياقت سولنگي ۽ ٻين پريس ڪلب بدين آڏو احتجاج ڪندي چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن عدالت طرفان ڪيسن ۾ روپوش قرار ڏنل جوابدارن اسحاق پٽ عبدالحڪيم سولنگي ۽ جمعون پٽ سلطان سولنگي وارن جو اسان جي ڳوٺ سان ڪوبه واسطو نه آهي نه اهي جوابدار اسان جي ڳوٺ ۾ رهن ٿا پر اينٽي ڪرپشن پوليس بدين وارا انهن جوابدارن جي نالي سان نوٽيس کڻي اسان جي ڳوٺ پهچي ويندا آهن ۽ اسان کي هراسان ڪندا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته اينٽي ڪرپشن بدين جي عملدارن خلاف جاچ ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ بک هڙتال جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button