اسلام آباد : ماحولياتي تبديلي جي وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي واري وزارت سمورن صوبن کي هيٽ ويو جو باضابطا الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ شيري رحمان چيو ته دنيا سميت ڏکڻ ايشيا هن سال سخت گرمي کي منهن ڏيئي رهيو آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي سرحدي علائقن ۾ گرمي پد 49 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته وقت کان اڳ گرمي جي سخت لهر ۾ اضافو ماحولياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي علامت آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي مارچ کان اڻ امڪاني گرمي جي سخت لهر کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن سال پاڪستان ۾ گرمي پد ۾ معمول کان 6 کان 8 ڊگري سينٽي گريڊ اضافي جو امڪان آهي. وفاقي وزير چيو ته موسميات کاتي مطابق هن سال مارچ 1961 کان هن وقت تائين جو گرم ترين مهيجو هو. مارچ ۾ ئي برساتون معمول کان 62 سيڪڙو گهٽ رڪارڊ ڪيون ويون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close