اسلام آباد : اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اٽڪل 5 سالن کان پوءِ رات دير سان دبئي روانو ٿي ويو. ذريعن موجب آصف علي زرداري خانگي جهاز ۾ دبئي لاءِ روانو ٿيو. ڪجهه ڏينهن اڳ ئي وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري به ڏني هئي. جنهن ۾ آصف علي زرداري جو نالو به شامل هو. ياد رهي ته وفاقي ڪابينا ڊسمبر 2018 ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close