اسلام آبادپاڪستانسنڌ

بلاول ڀٽو کي ايراني هم منصب جو ٽيليفون،ايران دوري جي دعوت

اسلام آباد:ايران جي پرڏيهي وزير امير عبدالليهان بلاول ڀٽو زرداري کي ٽيليفون ڪري پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق ايران جي پرڏيهي وزير امير عبدالليهان ۽ بلاول ڀٽو وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ هن پ پ چيئرمين کي پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. ان کان سواءِ ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران وچ ۾لاڳاپن جي اهميت کي اجاڳر ڪيو. بلاول ڀٽو ڪشمير مسئلي تي حمايت ۽ فلسطين سان ٻڌي جي اظهار تي ايراني پرڏيهي وزير جو شڪريو ادا ڪيو. ايراني پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي ايران جي دوري جي دعوت به ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button