اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف جو پاڪستان خودمختياري ملين مارچ جو فيصلو

اسلام آباد :تحريڪ انصاف پاڪستان جي خودمختياري لاءِ ملين مارچ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ اسلام آباد ۾ 20 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي جي مرڪزي قيادت جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي آزادي ۽ خود مختياري لاءِ ملين مارچ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سڄي ملڪ مان 20 لک ماڻهن کي اسلام آباد آندو ويندو. ان سان گڏوگڏ مارچ جي تيارين ۾ تيزي، ڪور ڪميٽي ۽ پارلياماني پارٽي جو اجلاس طلب ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ڪور ڪميٽي ۽ پارلياماني پارٽي جا گڏيل اجلاس 9 مئي تي ٿيندا. شرڪت ڪندڙن آزادي ۽ خود مختياري لاءِ حقيقي مارچ جي تيارين ۾ تيزي آڻڻ جي حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سڄي ملڪ ۾ ڪارڪنن کي چونڊن جي ڀرپور تياري جي به هدايت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button