اسلام آباد (رپورٽ:ثاقب بشير) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سڄي ملڪ ۾ بلوچ شاگردن کي هراسان ڪرڻ ۽ گم ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ 11 رڪني اعليٰ سطحي ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي، جنهن جو ڪنوينر سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي هوندو. ٻين ميمبرن ۾ سينيٽر افراسياب خٽڪ، پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر ۽ اڳوڻو چيئرمين سينيٽ رضا رضا شامل آهن. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، سينيٽر مشاهد حسين سيد، اڳوڻو چيف سيڪريٽري بلوچستان ناصر کوسا، اڳوڻو صدر سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن علي احمد ڪرد، وائيس چيئرمين پاڪستان بار دي ڪائونسل ۾ گهرو وزارت جو سيڪريٽري ۽ وزارت جو سيڪريٽري شامل هوندو. جڏهن ته هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرپرسن حنا جيلاني، افراسياب خٽڪ، سميع الدين بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالحميد نيئر جا نالا تجويز ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته بلوچ شاگردياڻين سان نسلي پروفائيلنگ جو عمل ختم ڪرڻ جي ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله انساني حقن جي علمبردار ۽ وڪيل ايمان زينب پاران بلوچ شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ جي خلاف داخل ٿيل درخواست جي شنوائي دوران هدايت جاري ڪئي. ڪالهه وڪيل ايمان زينب عدالت کي ٻڌايو ته صدر عارف علوي شاگردياڻي کي خاطري ڪرائي هئي. جڏهن ته اسلام آباد ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن يلنگويجز جي شاگرد بيبگرامداد کي گذريل ڏينهن پنجاب يونيورسٽي مان کنڀيو ويو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر دلدار بلوچ نالي هڪ ٻئي شاگرد کي ڪراچي مان کنڀيو ويو. وڪيل چيو ته ايئن لڳي ٿو حڪومت بلوچ شاگردياڻي بابت معاملن کي سنجيده نه پئي وٺي. هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي سمورين يونيورسٽين کي نوٽيس جاري ڪرڻ گهرجي ته بلوچ شاگردياڻين کي حراسان نه ڪيو وڃي. ايمان زينب عدالت کي ٻڌايو ته صدر جون بلوچ شاگردياڻي سان ٻه ملاقاتون ٿيون آهن. جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته هن معاملي جو ذميوار ڪير آهي، جنهن تي ايمان حاضر چيو ته چيف ايگزيڪيوٽو ۽ لاڳاپيل ادارا ان جا ذميوار آهن. چيف جسٽس ڳالهه ورجائيندي چيو ته مسئلو حقيقي آهي پر سياسي اڳواڻ ان کي نظرانداز ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن نسلي پروفائلنگ جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن ته انساني حقن واري وزارت کي گهرجي ته ان کي روڪي. اهو نه چوي ته رياست ڪمزور آهي. هن پڇاڻو ڪيو ته اڳوڻي حڪومت ۾ نه ڪجهه ٿيو نه هن حڪومت معاملي تي ڪجهه ڪيو. هن چيو ته ايئن نه چئو ته هتي امن امان جي صورتحال برقرار آهي. چيف جسٽس اطهر من الله سياسي پارٽين جي بيان جو ذڪر ڪندي چيو ته جڏهن اهي اقتدار ۾ اچن ٿا ته بيان مختلف هوندو آهي، اهي سڀ ڪجهه وساري ويهن ٿا. ان موقعي تي ڊپٽي اٽارني جنرل محمد طيب شاهه نئين حڪومت جي هدايت حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت کان مهلت گهري ورتي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته اوهان حڪومت کي لکي سگهو ٿا ته رياست ڪمزور آهي ۽ ان کان پڇو ته اها ڪهڙي طرح انساني حقن جي ڀڃڪڙي کي برداشت ڪري سگهن ٿا. هي وفاقي حڪومت جو ڪم آهي هي انساني حقن واري وزارت جو ڪم آهي. ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته وزيراعظم تازو ئي بلوچستان جو دورو ڪيو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هي وفاقي گادي وارو هنڌ آهي هتي فيبروري کان بلوچ شاگردياڻي بابت درخواست شنوائي هيٺ آهي. هن چيو ته هي شاگرد اسان جو مستقبل آهن، ڇا عدالت کي انساني حقن جي ڀڃڪڙِي تي پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏڻ گهرجن. ڇا ڪابينا کي علم نه آهي ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڇا جيڪي هن وقت ڪابينا ۾ آهن ڪالهه انهن وٽ وڃي نه رهيا هئا، ڇا انهن کي خبر نه آهي؟ هن چيو ته جمهوريت ۾ هي سياسي اڳواڻن جي ذميواري آهي ته حل ڳولين. شنوائي دوران قائداعظم يونيورسٽي جي وڪيل چيو ته هن ڪيس ۾ جيڪو ميجر شامل آهي، بچاءُ واري وزارت ان بابت ڇا ڪيو. ان جي رپورٽ گهرائي وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلوچ شاگردن جي نسلي پروفائيلنگ ۽ حراسان ڪرڻ جون شڪايتون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته گهرو سيڪريٽري مڪينزم بڻائي ته جيئن بلوچ شاگردياڻي سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان کي روڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close