اسلام آبادپاڪستان

شرعي عدالت جو 2027 تائين معاشي نظام وياج کان پاڪ ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد :وفاقي شرعي عدالت 19 سالن کانپوءِ وياج خلاف داخل درخواستن جو فيصلو ٻڌائيندي وياج لاءِ سهولتڪاري ڪندڙ سمورن قانونن ۽ شقن کي غير شرعي قرار ڏئي ڇڏيو. وفاقي شرعي عدالت 19 سالن کان پوءِ وياج جي نظام خلاف داخل درخواستن جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت وياج جي لاءِ سهولتڪاري ڪندڙ سمورن قانونن ۽ شقن کي غير شرعي قرار ڏيندي حڪومت کي وياجي نظام جي مڪمل خاتمي لاءِ 5 سالن جي مهلت ڏئي ڇڏي.عدالت فيصلي ۾ 31 ڊسمبر 2027 تائين سمورن قانونن کي اسلامي ۽ وياج کان پاڪ اصولن ۾ وجهڻ جو حڪم ڏنو. شرعي عدالت انٽريسٽ ايڪٽ 1839 ۽ پهرين جون 2022 کان وياج بابت سمورن شقن کي غير شرعي قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت پاران فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته معاشي نظام سان وياج جو خاتمو شرعي ۽ قانوني ذميواري آهي. شرعي عدالت جي جسٽس سيد محمد انور فيصلي ۾ چيو ته بينڪن جي قرض جي رقم کان وڌيڪ وصول ڪرڻ ربا جي زمري ۾ اچي ٿو. قرض ڪنهن به مد ۾ ورتو ويو هجي، ان تي لاڳو انٽرسٽ وياج چورائيندو. بينڪن جو هر قسم جو انٽرسٽ ربا ئي چورائيندو. ربا مڪمل طور ۽ هر صورت ۾ غلط آهي. عدالت چيو ته وفاقي حڪومت طرفان وياج کان پاڪ بينڪنگ جي منفي اثرن کان متفق ناهن. سمجهون ٿا ته معاشي نظام کي وياج کان پاڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. وفاقي شرعي عدالت فيصلي ۾ چيو ته چين به سي پيڪ جي لاءِ اسلامي بينڪاري نظام جو خواهشمند آهي. ربا کان پاڪ نظام وڌيڪ فائديمند هوندو. اسلامي بينڪاري نظام رسڪ کان پاڪ ۽ استحصال جي خلاف آهي. وياج کان پاڪ بينڪاري سموري دنيا ۾ ممڪن آهي. عدالت حڪومت کي اندروني ۽ ٻاهريون قرض وياج کان پاڪ نظام جي تحت وٺڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڊيپازٽ کي فوري طور تي ربا کان پاڪ ڪري سگهجي ٿو. چيف جسٽس وفاقي شرعي عدالت جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ وياج جي خلاف جماعت اسلامي ۽ ٻين جي درخواستن جي شنوائي کان پوءِ فيصلو ٻڌايو.2 ڏهاڪا گذرڻ باوجود به وياج کان پاڪ معاشي نظام لاءِ حڪومت جو وقت گهرڻ سمجهه کان مٿانهون آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button