پاڪستانسنڌ

ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي ڪميٽي ٺاھي وئي آھي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي سنڌ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪبندين لا اليڪشن ڪميشن جي 4 رڪني ڊي لميٽيشن ڪميٽي کي رد ڪندي چيو آھي ته ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي ڊي لميٽيشن ڪميٽي ٺاھي وئي آھي، جنھن ۾ انھن جي مرضي وارا 2 سينيئر آفيسر ۽ 2 جونيئر آفيسر شامل ڪيا ويا آھن، اعجاز چوھاڻ کي ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي سنڌ جو صوبائي اليڪشن ڪمشنر بنايو پيو وڃي، جيڪو سڄي سنڌ جون تڪبنديون خراب ڪندو ۽ مخصوص ٽولي کي تڪ ٺاھي فائدو پھچائيندو.

اياز لطيف پليجي چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاھ، سانگھڙ، سکر ۽ ميرپورخاص جا تڪ خراب ڪري ايم ڪيو ايم جي مفاد وارا تڪ ٺاھي، انھن جا ماڻھو چونڊرائڻ جون خاص ھدايتون ڪيون ويون آھن، اياز لطيف پليجي چيو ته اعجاز چوھاڻ کي سنڌ مان ڪراچي جي مخصوص پارٽي کي سيٽون وٺي ڏيڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آھي، اھو عمل سنڌ دشمن معاھدي جو نتيجو آھي، جنھن کي سنڌ جو عوام رد ڪري ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button