حيدرآباد: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاھه پريس بيان ۾ چيو آھي ته 25 اپريل 2022ع تي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي ورسي جي موقعي تي قومي ڪارڪنن ۽ رستي ويندڙ اردو ۽ پنجابي ٻولي ڳالھيندڙ فيصل آباد، ساھيوال ۽ ڪراچي جي مسافرن کي گرفتار ڪري سوين قومي ڪارڪنن ۽ مسافرن مٿان دھشتگردي جون ايف آئي آر داخل ڪري ۽ انھن کي گرفتار ڪري جيل موڪلڻ واري عمل تي پيپلزپارٽي جي نام نھاد جمھوري حڪومت جي پت وائکي ٿي پئي آھي.
ھن وڌيڪ چيو ته موجودہ جمھوري حڪومت جنرل ضياءَ جي بدترين مارشل لا جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن. پيپلزپارٽي حڪومت سنڌ جي قومي شعور ۽ قومي ڪارڪنن کان خوفزدہ ٿيل آھي. تنھنڪري پرامن سياسي ڪارڪنن سميت رستي ويندڙ مسافرن مٿان پڻ دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪري ھراسان ڪيو پيو وڃي. سيد جلال محمود شاھه وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت جي گذريل 15 سالن کان مسلسل اھا ڪوشش رھي آھي ته قومپرستن جي مرڪز ســن کي بند ڪري اتي سائين جي ايم سيد جي مزار تي شريڪ ٿيندڙ قومي ڪارڪنن کي ســن اچڻ کان روڪيو وڃي. پر انھيءَ باوجود مسلسل ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گرفتارين جو عمل ٿيندو رھي ٿو.