پاڪستانسنڌ

جھوڪ شريف ۾ وڌندڙ منشيات خلاف شهرين جي احتجاجي ريلي

ميرپوربٺورو: جھوڪ شريف ۾ وڌندڙ منشيات خلاف عمر مگسي، حاصل جتوئي، حميد جتوئي جي اڳواڻي ۾ استادن، شاگردن، صحافين پاران هائير سيڪنڊري اسڪول جھوڪ شريف کان ٿاڻي تائين ريلي ڪڍي وئي، جيڪا جھوڪ ٿاڻي تي پهتي، جتي ايس ايڇ او ٿاڻي تي موجود نه هو، اڳواڻن ٿاڻي تي موجود وڏي منشي کي چيو ته جھوڪ شريف شهر ۽ آس پاس جي علائقن ۾منشيات، گٽڪو، مين پڙيون ۽ ٻيون نشي واريون پڙيون سرعام وڪرو ڪيون پيون وڃن.

پوليس ڇو خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي فوري طور منشيات تي ضابطو آڻي نوجوان نسل کي تباهي کان بچايو وڃي، ٿاڻي تي موجود وڏي منشي چيو ته اسان منشيات فروشن خلاف ڪارروايون ڪيون پيا جلد منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button