پاڪستانسنڌ

ضلعي انتظاميه نوٽيس ورتو، ڀٽ شاهه جي تاريخي دنبوري جو مرمتي ڪم شروع

ڀٽ شاهه: ڀٽ شاهه جي تاريخي دنبوري جي صفائي ۽ مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، دنبوري جي زبون حالي ۽ ٽٽڻ بابت خبر هلڻ بعد ضلعي انتظاميه نوٽيس وٺندي دنبوري جي صفائي ۽ مرمت جو فوري ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو، لائيٽنگ جو ڪم به شروع ڪيو ويو آهي، ٽائون آفيسر محمد علي نندواڻي جي اڳواڻي ۾ تاريخي دنبوري تي رنگ روغن، صفائي ۽ مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو.

ان حوالي سان اسسٽنٽ ڪمشنر هالا مظاهر علي ٻرڙو طرفان به صحافين سان رابطو ڪري چيو ويو آهي ته بلڪل نوٽيس وٺي ڪم شروع ڪرايو آهي، عيد کان اڳ ۾ دنبوري جي مرمت ڪري ان کي ساڳي حالت ۾ خوبصورت بڻايو ويندو، لائيٽنگ سان چراغان ڪري دنبوري چوڪ جون رونقون، اڳي وانگر بحال ڪيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button