پاڪستانسنڌ

ٽنڊوغلام حيدر مبينا چوري دوران فائرنگ ۾ چور مارجي ويو، وارثن جو قتل جو الزام

ٽنڊو غلام حيدر: ٽنڊوغلام حيدر ۾ رات ديرسان ڏندو ٿاڻي جي حد واري علائقي ڳوٺ هارون پلھه ڀرسان بابو ميمڻ جي پولٽري فارم مان مبينا چوري جي ڪوشش دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پولٽري فارم جي چوڪيدار راهب علي لاشاري جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ چور 32 ورهين جو نورمحمد عرف نورو اعواڻ مارجي ويو، جڏهن ته نامعلوم سندس 2 ساٿي چور فرار ٿي ويا، اطلاع بعد حد جي ڏندو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ٽنڊوغلام حيدر سرڪاري اسپتال آندو، جتي پوسٽ مارٽم جي سهولت نه هجڻ بعد لاش ٽنڊومحمدخان هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن مبينا چوري جي الزام هيٺ مارجي ويل نور محمد عرف نورو اعواڻ جي وارثن تعلقه ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالله خان اعواڻ، غلام حسين اعواڻ ۽ امير بخش اعواڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو نوجوان گذريل ٻن ڏينهن کان گهران گم ٿيل هو، جنهن کي اغوا ڪري چوري جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته اسان جو نوجوان زمين جي هارپي جو ڪم ڪندو هو، جنهن کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته ايس ايس پي ٽنڊومحمد خان فوري طور نوٽيس وٺي معاملي جي جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي،هوڏانهن ڏندو ٿاڻي جي ايس ايڇ او اشفاق احمد جهيجو جو چوڻ هو ته رات دير سان قتل ٿيل نورمحمد عرف نورو اعواڻ ۽ سندس 2 نامعلوم ساٿي جيڪي چوري جي ارادي سان پولٽري فارم پهتا، جتي هٿياربندن چوڪيدار مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ جوابي فائرنگ ۾ هڪ چور مارجي ويو ۽ 2 نامعلوم چور فرار ٿي ويا، ايس ايڇ او جو وڌيڪ چوڻ هو ته قتل ٿيل نورمحمد عرف نورو اعواڻ تي ضلعي بدين جي ماتلي، تلهار، راڄوخاناڻي سميت ضلعي ٽنڊومحمد خان جي مختلف ٿاڻن تي چوري جا ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل هئا، هن چيو ته فرار ٿيل ٻن نامعلوم چورن خلاف جاچ ڪري رهيا آهيون، ٻئي پاسي پولٽري فارم جي چوڪيدار راهب علي لاشاري جي فرياد تي ٽنڊوغلام حيدر ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button