پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو، آبپاشي آفيس آڏو بک هڙتال

چمبڙ: چمبڙ ۾ ميرانکوي ۽ چاڪر شاخ جي پوڇڙي جي آبادگارن زرعي پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مڇريل ماڻهن آبپاشي آفيس چمبڙ جي مک گيٽ آڏو علامتي بک هڙتال ڪيمپ پڻ قائم ڪري ورتي، خبر موجب چمبڙ بڪيراڻي سب ڊويزن جي ميرانکوري شاخ ۽ چاڪر شاخ جي پوڇڙي جي آبادگارن مولابخش لغاري، ارشاد لغاري، ديدار علي رند، اشرف امداڻي ۽ ٻين شاخن جي پوڇڙي ۾ گذريل ٻن مهينن کان پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبپاشي آفيس چمبڙ جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي ايريگيشن علمي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي کاتي جي انجينئير توڙي عملدارن اسان جي حصي جو پاڻي منڍ جي بااثرن کي ڏوڪڙن عيوض وڪرو ڪري رهيا آهن، شاخن تي ڪيل روٽيشن اسان کي نامنظور آهي، اسان جون زرعي زمينون سڪي بنجر بڻجي ويون آهن، اسان کي پيئڻ لا به پاڻي نه پيو ڏنو وڃي، هنن چيو ته اسان مجبور ٿي احتجاجي علامتي بک هڙتالي ڪيئمپ قائم ڪئي آهي، جيڪڏهن پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي نه ڏنو ويو ته اسان عيد ڏهاڙي به پنهنجي بک هڙتالي ڪيئمپ جاري رکنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button