پاڪستان

وزيراعظم سعودي عرب پهچي ويو، پئڪيج تي ڳالهيون ڪندو

مدينه منوره: وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي دعوت تي ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب پهچي ويو آهي، جيڪو وزيراعظم طور سندس پهريون پرڏيهي دورو آهي. مدينه منور جي گورنر فيصل بن سلمان السعود ۽ اعليٰ سعودي عهديدارن وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس 13 رڪني وفد جي آجيان ڪئي. پڏيهي وزير بلاول ڀٽو، ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل، شاهه زين بگٽي، مريم اورنگزيب، خواجه آصف وزيراعظم سان وفد ۾ شامل آهن. چوڌري سالڪ حسين، محسن داوڙ ۽ خالد مقبول صديقي پڻ وزيراعظم سان گڏ سعودي عرب ويا آهن. مديني شريف پهچڻ تي وزيراعظم ۽ سندس وفد نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي روضي مبارڪ ي حاضري ڀري، نفل پڙهيا ۽ دعائون گهريون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button