اسلام آباد : وفاقي وزير شازيا مري چيو آهي ته رسول صلعم جي روضي تي پيش آيل واقعي عمران خان کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان کي شرم اچڻ گهرجي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مقدس مقام جتي فرشتا به درود شريف جو ورد ڪن ٿا، اتي پي ٽي آئي تماشو ڪيو. عمران خان جي پوئلڳن جي طرز عمل تي حيرت ناهي پر گذريل ڏينهن واقعي تي گهڻو افسوس آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن مسجد نبوي ۾ ٿيندڙ حرڪت جي سخت مذمت ڪريون ٿا، عمران خان ٻاهرين ايجنڊا تحت هڪ نسل کي گمراهه ڪيو آهي. پي ٽِي آئي باقاعدي رٿابندي تحت مسجد نبوي ۾ گوڙ شور ڪيو. شازيا مري چيو ته شيخ رشيد اڳواٽ ئي هن پلان جي خبر ٻڌائي ڌمڪي ڏني هئي. عمران خان ڪرسي ۽ اقتدار جي حوس ۾ سڀ ليڪا لتاڙي بيٺو آهي. وفاقي وزير چيو ته عمران ملڪ ۾ معاشي ۽ اقتصادي تباهي ڪئي ۽ هاڻي سماج کي بگاڙي رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close