اسلام آبادپاڪستان

جبري گمشدگين،قتل ۽ سنسرشپ جهڙا حربا استعمال ڪيا ويا:هيومن رائٽس

اسلام آباد :هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان انساني حقن جي حوالي سان سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ 2021 ۾ اظهار جي آزادي جي راءِ جي حالت تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي. هيومن رائٽس ڪميشن جي سيڪريٽري جنرل حارث خليق ان حوالي سان اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته 2021 دوران گھٽ ۾ گھٽ 9 واقعن ۾ صحافين کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويو. هن وڌيڪ چيو ته حملن، جبري گمشدگين، قتل، کلي سنسرشپ جهڙا حربا استعمال ڪيا ويا. اڳوڻي حڪومت کي ظالماڻي پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي آرڊيننس مسلط ڪرڻ تي ياد رکيو ويندو. حارث خليق چيو ته اظهار جي آزادي جي راءِ تي پابنديون جو دائرو وڌائڻ جي رياستي ڪوششن کان غير رياستي عنصر کي وارو مليو. غير رياستي عنصرن کي وارو مليو ته ماڻهن تي پنهنجي خواهشون مسلط ڪريون جيڪي ان تي اتفاق ناهن ڪندا. هن چيو ته سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري کي توهين مذهب تي ميڙاڪي هٿان قتل ڪيو ويو، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي قانونساز ميمبر طرفان مبينا طور تي ناظم جوکيو کي وحشياڻي طور قتل ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button