پاڪستانسنڌ

سرهاڙي لڳ 3 گهرن کي باهه، الهه تلهه رک

سرهاڙي: سرهاڙي ويجهو ڳوٺ غلام مصطفى زرداري ۾ چلهھ مان چڻگ اٿلڻ سبب گهرن کي باھه لڳي وئي، جنهن سبب وانگو ڀيل، اجمل ڀيل ۽ راڻو ڀيل جا گهر سڙي رک ٿي ويا، واقعي واري هنڌ فائربرگيڊ گاڏي نه پهتي، جنهن بعد ڳوٺاڻن باهه وسائي. باهه لڳڻ ڪري گهر ۾ پيل اناج، بسترا، ڏاج ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو. ٻئي طرف باھه متاثرن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان غريب پورهيت آھيون، گهر ۾ موجود نه هئاسين، اوچتو خبر پئي ته گهرن کي باهه لڳي آهي. هنن ڊي سي سانگهڙ کان گهر ڪئي ته اسان جي واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button