پاڪستانسنڌ

ورڪشاپ ۾ پ پ جي گڏجاڻي، ٽڪيٽن جي ورڇ نويد ڏيرو حوالي

ورڪشاپ: ورڪشاپ شھر ۾ ڪاروباري شخصيت چوڌري عظمت پرويز جي رهائشگاهه تي پ پ اڳواڻ ملڪ عبدالمجيد پاران پ پ اڳواڻ ايم اين اي نويد ڏيرو، 3 يوسيز جي پ پ اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن ۾ ايم اين نويد ڏيرو پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي، بعد ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي، جنھن ۾ غلام رسول شر، رسول محمد پٺاڻ، عبدالخالق شر، حاجي پٺاڻ خان شر، چوڌري مجاهد حسين، علي شير ملاح، طالب حسين شر، اشفاق مغل، راحيل گوندل، ڏاڙھون خان ملاح، احمد خان شر، مولابخش جوڻيجو، قادر بخش چانڊيو، ڊاڪٽر قاسم رند، سيف الله خٽڪ، علي بخش خاصخيلي، ناظم لاشاري ۽ ٻين گڏيل طور سانگھڙ جي ٽن يوسيز جکڙائو، صدرٽ ۽ شاهه سڪندر آباد جي ٽڪيٽن جي ورڇ ايم اين اي نويد ڏيرو حوالي ڪئي. آخر ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ ڪارڪنن کان نويد ڏيرو درخواستون وٺي پاڻ سان گڏ کڻي ويو، ٻن ڏينهن بعد غور ڪري اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button