اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد ۾ قاسم سوري ۽ مخالف ٻکين پئجي ويا،ڪيس داخل

اسلام آباد :اسلام آباد جي نجي هوٽل ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ۽ سندس دوست مٿان مبينا حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ قاسم سوري محفوظ رهيو. جڏهن ته سندس دوست زخمي ٿي پيو. خبر موجب قاسم سوري سحري لاءِ ڪوهسار مارڪيٽ وٽ قائم نجي هوٽل تي موجود هو ته ڪجهه ماڻهو آيا ۽ انهن تحريڪ انصاف خلاف نعريبازي ڪئي. جنهن کان پوءِ مذڪوره ماڻهن اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ۽ سندس دوست مٿان حملو ڪري ڏنو. واقعي کان پوءِ قاسم سوري ۽ سندس دوست جو ميڊيڪل ڪرايو ويو. جڏهن ته پوليس درخواست ملڻ تي ڪارروائي شروع ڪندي سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن. ان حوالي سان ايس ايس پي آپريشن چيو آهي ته فوٽيج ۾ نظر ايندڙ ماڻهن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. ميڊيڪل رپورٽ ملڻ کان پوءِ ڪيس داخل ڪيو ويندو. هوڏانهن قاسم سوري سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي الزام لڳايو آهي ته حملو(ن) ليگ جي غنڊن ڪيو آهي. قاسم سوري موجب ته آئون سحري لاءِ ويٺو هوس، ڪجهه ماڻهو آيا ۽ مٿس حملو ڪري ڏنو. اتي موجود ماڻهن ردعمل ڏنو ان جي خلاف نعرا هنيا. پي ٽي آئي اڳواڻ چيو ته ماڻهن کيس ڪرسيون هنيون ۽ چيو ته اهڙي قسم جا حملا شروع ڪيا ته عوام اوهان کي جيئڻ نه ڏيندو. ٻئي پاسي قاسم سوري جي درخواست تي ڪوهسار ٿاڻي ۾ گذريل رات واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. قاسم سوري چيو ته مان دوستن سان گڏ سحري لاءِ ڪوهسار مارڪيٽ ويس درخواست گذار چيو ته اتي موجود ڪجهه پي ٽي آئي مخالف ماڻهن اسان تي حملو ڪري ڏنو. ايف آئي آر مطابق حملو ڪندڙ اسان کي مارڻ چاهين پيا، آڏو اچڻ تي حملو ڪندڙن کي مان ۽ منهنجا دوست سڃاڻي سگهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button