پاڪستانسنڌ

خيرپورناٿن شاهه ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، ڀا زخمي

خيرپور ناٿن شاھه: خيرپور ناٿن شاهھ جي ڳوٺ بھادرپور ۾ معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران گوليون لڳڻ ڪري عبدالنبي شاھاڻي ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته سندس ڀا علي حيدر شاھاڻي سخت زخمي ٿي پيو. اطلاع تي پوليس پهچي مقتول ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، جنهن کان پو مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي زخمي علي حيدر شاهاڻي ٻڌايو ته ايف پي بچاءُ بند تي ڪار سوار هٿياربندن شاهه پسند شاهاڻي ۽ نور نبي شاهاڻي فائرنگ ڪري منهنجي ڀا عبدالنبي شاهاڻي کي قتل ۽ مون کي زخمي ڪيو آهي. ٻئي پاسي ڳوٺاڻي جي قتل بعد ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. پوليس موجب مقتول جا وارث جئين ٿاڻي ايندا ته انهن جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button