پاڪستانسنڌ

حيدرآباد پوليس مبينا مقابلي ۾ ماريل ڏوهاري جو رڪارڊ سامهون آڻي ڇڏيو

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ گذريل رات مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڦورو جو پوليس ڏوهي رڪارڊ سامهون آڻي ڇڏيو آهي. خبر موجب حيدرآباد ۾ گذريل رات سائيٽ ايريا پوليس 4 جوابدارن سان پوليس مقابلي جي دعوى ڪندي مقابلي دوران جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار امام بخش ابڙو پٽ ڪالو ويٺل لاڙڪاڻو کي ماري ڇڏيو هو. پوليس جاري بيان ۾ چيو آهي ته مارجي ويل ڏوهاري حيدرآباد ۾ ڌاڙن ۽ ڦرن ۾ ملوث هو. جوابدار پنهنجي ساٿين جي مدد سان 5 اپريل تي سائيٽ ايريا جي علائقي ۾ فلور مل جي ٻاهرا بينڪ مان پئسا کڻي نڪرندڙ مل مئنيجر کان 21 لک روپيا ڦر ڪيا، جنهن ۾ جوابدار کي سي سي ٽي وي ۾ پڻ ڏٺو ويو.

ٻئي ڏينهن وري قاسم آباد ۾ ڦر ڪندي مزاحمت تي درزي کي گولي هڻي زخمي ڪيو ويو. جنهن جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو، 26 مارچ تي پنًڃاري ٿاڻي جي حد مان محمد قدوس عالم انصاري کان 4 لک ڦر ڪيا. 30 مارچ تي نسيم نگر ۾ اعجاز جاگيراڻي کان هڪ لک 20 هزار ڦر ڪيا. سٽي ٿاڻي جي حد مان جاويد بروهي کان 50 هزار ڦر ڪيا. پوليس مارجي ويل ڦورو جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ منظر عام تي آندي آهي. جنهن ۾ سري عام ڦرون ڪندي شهري کي گولي هڻي جوابدار پسٽل سان تشدد به ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button