پاڪستانپنجاب

عمران ۽ ساٿين مذهب کي سياست لاءِ استعمال ڪيو: مريم نواز

لاهور: مسلم ليگ ن جي نائب صدر، اڳوڻي وزيراعظم جي نياڻي مريم نواز جو چوڻ آهي ته عمران خان ۽ سندس ساٿين مذهب کي سياست لاءِ استعمال ڪيو. اهڙو بيان مسلم ليگ ن نائب صدر ۽ اڳوڻي وزيراعطم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته حرم پاڪ، مدينا منوره ۾ پي ٽي آءِ جي قيادت جي سرپرستي ۾ بي ادبي ڪئي وئي، ان بي ادبي سان نبي ڪريم صه سان محبت ڪندڙ تڙپندا رهجي ويا. مريم نواز جو چوڻ هو ته مونکي ڪاوڙ ڀريا سوين پيغام مليا ته حڪومت ايڪشن ڇو نه پئي کڻي، حڪومت جو ايڪشن سياسي انتقام تصور ٿيندو ۽ هي معاملو سياسي ناهي. ن ليگي نائب صدر اهو به چيو ته انهن جي چهرن تان ڪالهه نقاب لهڻ کانپوءِ انهن جا مڪروهه چهرا سامهون آيا آهن، اها ئي انهن جي سڀ کان وڏي سزا آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button