پاڪستان

مسجد نبوي صه ۾ نعرا هڻندڙن خلاف ڪارروائي، 5 پاڪستاني گرفتار

مدينا منوره: مسجد نبوي صه جي احاطي ۾ پاڪستاني وفاقي وزيرن خلاف نعرا هڻندڙ ۽ بدتميزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي شروع ڪري 5 پاڪستاني شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. رپورٽ مطابق مدينه منوره پوليس مسجد نبوي جي احاطي ۾ گٿن لفظن ۽ مقدس هنڌ جي بيحرمتي جي الزام هيٺ 5 پاڪستاني شهرين جي گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. مدينه منوره پوليس جي ترجمان مطابق مسجد نبوي صه جي احاطي ۾ اڻوڻندڙ لفظ استعمال ڪرڻ جي الزام هيٺ 5 پاڪستاني شهري گرفتار ڪيا ويا آهن. ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار ماڻهن پاڪستاني عورت ۽ سندس ساٿين خلاف گٿا لفظ استعمال ڪيا ۽ گرفتار ماڻهن تي مقدس جا جي بيحرمتي جو الزام آهي. پوليس مطابق گرفتار ماڻهن تي پانڌيئڙن ۽ نمازين جي سلامتي ۽ عبادتن ۾ خلل وجهڻ جو الزام آهي ۽ جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button