اسلام آبادپاڪستان

سعودي مسجد نبوي واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري:وفاقي حڪومت

اسلام آباد : وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله چيو آهي ته گهرو وزارت سعودي حڪومت کان رسول صلعم جي روضي جي تقدس کي پائمال ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي جي درخواست جو فيصلو ڪيو آهي. عمران خان ۽ شيخ رشيد رڪارڊ تي آهن ته ڪيئن مسجد نبوي جي واقعي جي رٿابندي ڪئي وئي. باقاعدي طور تي چيو ته ڏسندا ته انهن سان ڪهڙو ورتاءُ ٿئي ٿو. جيڪڏهن چاهيان ته شيدا ٽلي جي ٽلي ڦڙڪائي سگهجي ٿي، پر هي مناسب نه آهي. 100 ماڻهو گڏ ڪري ڪنهن کي گاريون ڏيارڻ ته سولو ڪم آهي. عمران خان اسان مٿان ڪوڙا ڪيس ڪيا، اسان پنهنجي قيادت سان بيٺا رهياسين. عمران خان قانون ۽ آئين مطابق مقابلو ڪري، حدون نه اورنگهي. فرح گوگي جي 84 ڪروڙ جي هڪ ٽرانزيڪشن ٿي آهي، رنگ روڊ جو قصو ان کان وڏو آهي. هائوسنگ سوسائٽي وارو معاملو اربن ۾ آهي. ڪالهه ميڊيا سان ڳالهائيندي رانا ثناءُالله عمران خان سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسان تنهنجي ظلم کي روڪيو آهي. مان مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدر طور اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان هر ميمبر کي چيو آهي ته پارٽي جي اجازت کان سواءِ اوهان کي ڪو قدم ناهي کڻڻو. جيڪڏهن ڪو قدم پارٽي جي اجازت کان سواءِ کنيو ته اوهان جي خلاف پارٽي ڪارروائي ڪندي. رانا ثناءُالله چيو ته ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون جو سئو پنجاهه ماڻهن کي گڏ ڪري ڪٿي اماڻي ڇڏيون ۽ چئون وڃي گاريون ڏئي اچو. اسان سمجهون ٿا ته ان سان سياست تلخ ٿيندي ان سان سياست مشڪل ٿي، ڪنهن ٻئي هنڌ نڪري ويندي. هن چيو ته اهڙي قسم جا قدم پارلياماني جمهوري نظام لاءِ بهتر نه آهن نه ئي هن ملڪ لاءِ سٺو آهي. هن چيو ته اوهان پوڻن چئن سالن تائين اسانجن حوصلن ۽ استقامت جو گهڻو امتحان ورتو آهي هاڻي اوهان کي يقين اچڻ گهرجي. گهرو وزير چيو ته عمران خان ڪرپشن جي ڪيسن کان بچڻ لاءِ ڪڏهن سازش جو ڊرامو ڪري ٿو، ڪڏهن چوي ٿو ته اوهان جي اولاد جون شاديون نه ٿينديون، اوهان جي شادي ته 65 سالن جي عمر ۾ به ٿي وئي آهي. هن چيو ته هاڻي اوهان ماڻهن کي چئو ٿا ته مان ان ڏينهن جو انتظار ڪري رهيو آهيان جڏهن هي ماڻهو ووٽ وٺڻ پنهنجي تڪن ۾ ويندا ته ووٽ وٺڻ ته اوهان کي ڀڄڻو آهي. فرح خان جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ان هڪ ٽرانزيڪشن ئي 84 ڪروڙ رپين جي آهي. فرح خان جو معاملو حڪومت نه پر نيب سامهون آندو آهي جيستائين انڪوائري رپورٽ سامهون نٿي اچي اسان پاران ڪا ڳالهه نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پهريان به ان بابت ڪجهه ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديون رهيون آهن ته هن ڀيري شاهزين بگٽي ۽ مريم اورنگزيب تي تشدد ڪيو ويو. هن چيو ته گهرو وزارت سعودي حڪومت درخواست ڪري ٿي ته اها ان بابت مناسب قدم کڻي، اسان ان کي چئي رهيا آهيون ته پوري قوم هن واقعي تي تڪليف ۾ آهي. هن چيو ته اسان ان کان اها به گهر ڪري رهيا آهيون ته ماڻهن جي سي سي ٽي وي فوٽيج سان انهن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي پر انهن کي ملڪ کان نيڪالي ڏي. هي ماڻهو مقدس هنڌ تي رهڻ جي لائق نه آهن ۽ اسان کي به ٻڌايو ته هي ڪهڙا ماڻهو آهن ته جيئن اسان به کين ٽريس ڪريون. هن چيو ته اسان قانون واري وزارت کي چيو آهي ته اسان کي ان بابت مشورو ڏيو ته ڇا ان حوالي سان ملڪ ۾ ڪو ڪيس هلائي سگهجي ٿو يا نه.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button