پاڪستانسنڌ

قومپرستن تي ڪيسن خلاف ميرپوربٺوري ۾ احتجاجي مظاھرو

ميرپوربٺورو: جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، جسقم اڳواڻ ارباب ڀيل، سورھيه سنڌي ۽ ٻين اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ ۽ سن مان واپس موٽندڙ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف ميرپوربٺوري ۾ قومپرست ڪارڪنن طرفان صوفي شاھه عنايت پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي قومي پارٽي جي اڳواڻ قادر بخش زئور، جسقم اڳواڻ غفور چانگ، جسم جي نعمان شورو، قومي پارٽي جي انور خاصخيلي، الطاف چانگ، امام بخش خاصخيلي چيو ته سن سنڌ جو سياسي مرڪز آھي، جنهن سان ڪارڪنن جي محبت کي ڏاڍ جي زور تي ختم ڪري نه ٿو سگهجي.

سيد جي ورسي جي پروگرام تان واپسي ۾ سوين ڪارڪن جيلن ۾ واڙيا ويا آهن. پرامن سياسي ورڪرن سان غيراخلاقي سلوڪ ڪيو ويو، جنھن عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا. ٻئي طرف قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آھي ته اسان سيد جي عدم تشدد واري فڪر تحت پرامن سياست ڪريون ٿا. اسان پنهنجي وطن جي ڳالهه ڪندا رهنداسين. ڪوڙا ڪيس فڪر سيد تان ھٿ نٿا کڻائي سگھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button