پاڪستانسنڌ

نيوسعيدآباد لگ مقتول نوجوان جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو،ڪيس داخل

نيوسعيدآباد/هالا: نيوسعيدآباد لگ بکرجمالي ڀرسان کتيرو ٻيلو جي سرڪاري زمين تي قائم کتيرو ڍنڍ جي مالڪي تان سھيل جمالي ۽ محبوب عالم جمالي جي ڌرين وچ ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان قتل ٿيل شاھجھان جمالي جي لاش جو تعلقا اسپتال نيوسعيدآباد ۾ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش ايمبولينس ۾ رکرائي نيوسعيدآباد ٿاڻي تي ايف آ آر داخل ڪرائڻ لاءِ آندو ويو، جتي نيوسعيدآباد پوليس سندس چوڻ موجب ايف آ آر داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنھن تان مقتول جي وارثن ڪاوڙجي لاش کي بچل شاهه سي اين جي وٽ قومي شاهراهه تي رکي ٽائر ساڙي ڌرڻو ھڻي قومي شاهراهه ٻنھي طرفن کان بند ڪري ڇڏيو، جنھن ڪري ٻنھي طرفن کان سوين گاڏيون بيھي ويون ۽ مسافرن کي سخت تڪليف جو منھن ڏسڻو پيو، ان موقعي تي چڱن مڙسن وسيم خان جمالي، مجن خان جمالي ۽ سليم خان جمالي به ڌرڻي ۾ شامل ٿي ويا، 3 ڪلاڪن بعد پوليس سان ڳالھيون ٿيڻ بعد سھيل جمالي ڌرڻو ختم ڪرائي لاش سان گڏ ھڪ دفعو ٻيھر نيوسعيدآباد ٿاڻي تي پھتو، جتي نظر محمد جمالي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته محبوب عالم عرف نبي بخش جمالي، نظير حسين جمالي، شوڪت علي جمالي، مير صاحب عرف مير محمد جمالي، قيصر جمالي، اسرار عرف گلزار جمالي، امير جمالي، عمران جمالي، صفدر جمالي، احمد خان جمالي، خدا بخش جمالي، خادم بھادر جمالي، محمد جعفر جمالي، ظفر جمالي، جباري، نجيب، وزير ۽ 3 نامعلوم لينڊ ڪروزر، ويگو ۽ ٻين گاڏين ۾ آيا، جن جي ھٿن ۾ مختلف ھٿيار ۽ ڪھاڙيون ھيون، جوابدارن اچڻ شرط ھٿيارن ۽ ڪھاڙين سان وار ڪري شاھجھان ولد ذڪريا جمالي کي قتل ۽ چئن ڄڻن مير محمد گلاڻي جمالي، علي گل، مور خان ۽ قمر خان جمالي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، مقتول ۽ زخمين کي پوليس ذريعي تعلقا اسپتال پھچايو ويو، ٻئي طرف زخمين کي طبي امداد ڏئي وڌيڪ علاج لاءِ لمس حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي علي گل جمالي جي حالت انتھائي نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي، ھوڏانھن ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ مقتول شاھجھان جمالي جو لاش کڻائي ڳوٺ بلوچ خان جمالي آندو ويو، جتي سوين ماڻھن جنازي نماز ادا ڪئي، جنھن بعد مرحوم شاھجھان جمالي جي مڙھه کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو،جڏھن ته رابطي ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ان واقعي جي سلسلي ۾ جعفر جمالي، مير جمالي ۽ ظفر الله جمالي پاڻمرادو طور پاڻ کي نيوسعيدآباد پوليس وٽ پيش ڪيو آهي. ھوڏانھن رابطي ڪرڻ تي سھيل جمالي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته نيوسعيدآباد ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آ آر مان اسين مطمئن ناهيون، اسان جلد عدالت ۾ وڃي ھن واقعي ۾ ملوث مک ماڻھن تي عدالتي ايف آ آر داخل ڪرائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button