
مٽياري: مٽياري جي قومي شاهراهه تي الحافظ ڪانٽي وٽ ڪرولا ڪار تيزرفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري فٽ پاٿ سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن ۾ ڪار هلائيندڙ جهانگير ڪلهوڙو ۽ سندس گهرواري زخمي ٿي پئي، زخمين کي مقامي پوليس تعلقه اسپتال مٽياري آندو، جتان فوري طبي امداد ڏيڻ بعد زخمين کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.