اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت صدارتي ريفرنس جي شنوائي ملتوي ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. شهباز شريف جي وڪيل مخدوم علي خان طرفان داخل ڪيل درخواست جنرل ايڊجرنمينٽ منظور ٿيڻ جي بنياد تي ڏني وئي.
درخواست ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته 18 اپريل کان 17 مئي تائين منهنجي جنرل ايڊجرنمينٽ جي درخواست منظور ٿي چڪي آهي ۽ ٻين سڀني ڪيسن کي پوئتي ڪرڻ جون درخواستون منظور ٿي چڪيون آهن، تنهن ڪري جنرل ايڊجرنمينٽ منظور ٿيڻ کانپوءِ اپيل آهي ته صدارتي ريفرنس کي 17 مئي کانپوءِ شنوائي لاءِ مقرر ڪيو وڃي.