پاڪستانسنڌ

ملڪ ۾ ڪڏھن به شفاف اليڪشن ناھي ٿي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو ته ملڪ ۾ ڪڏھن به شفاف اليڪشن ناھي ٿي، ھر ڀيري مينيج ٿيل ماڻھن کي اقتدار ۾ آڻي مرضي جا فيصلا ڪيا وڃن ٿا، حقيقي عوامي حڪومت ڪڏھن به قائم نه ٿي آھي، جنھن ڪري ننڍن صوبن ۾ احساس محرومي آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته مينيج ٿيل حڪمران سدائين ڊڪٽيشن تي ھليا آھن، انھن جي خراب پاليسين جي ڪري ملڪ ترقي نه ڪري سگھيو آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته اسان کي ٻاھرين ڊڪٽيشن بدران پنھنجن مفادن تحت پاليسيون جوڙي اڳتي وڌڻ گھرجي.

اياز لطيف پليجي چيو ته صوبن کي 1940 جي قرارداد تحت مڪمل خودمختياري ڏني وڃي. آئين ۽ قانون تي عمل نه ڪرڻ سبب ملڪ ۾ سدائين بحران واريون حالتون رهن ٿيون. ڪرپشن ۽ اقرباپروري جي ڪري ملڪ ترقي نٿو ڪري، معاشي بحران، سياسي بحرانن سبب عوام بدحالي جو شڪار آهي. صوبا ۽ ملڪ ترقي بدران پوئتي ڃي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button