پاڪستانسنڌ

بدين لاڙ ڪيمپس ۾ هوشيار ۽ مستحق شاگردن ۾ چيڪ ورهايا ويا

بدين: سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪيمپس بدين ۾ هوشيار ۽ مستحق شاگردن ۾ هيڪ نيڊ بيسڊ اسڪالرشپ 2019 ۽ 2020 جي چيڪ ورهائڻ جي تقريب منقعد ڪئي ويئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر خليل الرحمان، انچارج ڊپارٽمينٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ اسسٽنٽ رجسٽرار لاڙ ڪيمپس بدين، ڊاڪٽر محمد طفيل چانڊيو انچارج ڊپارٽمينٽ آف انگلش ۽ ميڊيا ڪوآرڊينيٽر لاڙ ڪيمپس بدين جن ڪيمپس جي مختلف ڊپارٽمنٽن جي 19 ضروتمند ۽ هوشيار شاگردن ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا ويا.

هرهڪ شاگرد کي 48 هزار رپين جو چيڪ ڏنو ويو ۽ اهڙي ريت ڪل 9 لک 12 هزار جي ماليت جا چيڪ ورهايا ويا. سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي حڪم تي موڪل واري ڏينهن تي اهڙي تقريب رکي ضرورتمند ۽ هوشيار شاگردن کي چيڪ ڏنا ويا ته جيئن اهي انهي رقم جو وقتائتو، موزون ۽ پراثر استعمال ڪري سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button