پاڪستانسنڌ

حيدرآباد پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعوى

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلو، هڪ ڄڻو زخمي حالت ۾ گرفتار. خبر موجب حيدرآباد ۾ هٽڙي پوليس چيڪنگ دروان ٽن ڄڻن سان مقابلو ڄاڻائيندي هڪ جوابدار صدام حسين کوسو کي پستول سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي. پوليس ٻڌايو ته زخمي جوابدار حيدرآباد ۾ ڌاڙا ۽ ڦورون ڪندو هو، سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته جوابدار جا 2 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button