
فريدآباد: ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون ڊي سي دادو سيد مرتضيٰ شاھه سان گڏجي ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ باهھ واقعي ھنڌ پھچي سڙي فوت ٿيل ٻارڙن جي والدين امام الدين ۽ بھارو چانڊيو سان تعزيت ڪئي، جنهن کان بعد گھرن کي لڳل باھه جو جائزو ورتو ۽ ڳوٺاڻن کان تفصيل ورتا، جڏهن ته باهھ متاثر اميد علي چانڊيو، ذوالفقار چانڊيو، الھندو چانڊيو، ارشاد چانڊيو، مولوي نور حسن چانڊيو، ايس ايس پي دادو ۽ ڊي سي دادو سان ملاقات ڪندي چيو ته وزيراعظم شھباز شريف طرفان اعلانيل امدادي پئسن جا چيڪ ڪيش نه ٿي سگهيا آهن، باهه ۾ ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جا شناختي ڪارڊ سڙي ويا آهن، جنهن ڪري متاثرن جا چيڪ ڪيش ڪرائي ڏنا وڃن، جنهن بعد ڊي سي متاثرن جو مسئلو حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي.