پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو مظاهرو

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي ڀرسان يوسي لانڍي ۾ ٽنڊوالهيار جي نصير واھه مان نڪرندڙ لانڍي ٽو شاخ جي سوين آبادگارن لانڍي ٽو شاخ جي ريگيوليٽر مٿان زميندار شاهنواز خان لغاري ۽ عبدالغفار خان لغاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن دوران آبادگارن آبپاشي عملي خلاف نعريبازي ڪئي. آبادگار اڳواڻ شاهنواز خان لغاري ۽ عبدالغفار خان لغاري چيو ته پاڻي اسان جي جياپي جو ذريعو آھي، آبادگارن لانڍي ٽو شاخ تي گڏ ٿي احتجاج رڪارڊ ان لاءِ ڪرايو آهي ته پاڻي اسان جو حق آهي، نصير واهھ فل هجڻ باوجود لانڍي ٽو شاخ کي آبپاشي عملي ھٿ وٺي بند ڪيو آھي، اسان سڀني آبادگارن جون زمينون بنجر ڪري ھٿ وٺي تباهھ ڪيون پيون وڃن، چوپايو مال توڙي پکي پاڻي نه هجڻ ڪري مرڻ لڳا آھن، احتجاج جي ٽن ڪلاڪن کانپوءِ ايس ڊي او آبپاشي آبادگارن وٽ پهچي ڳالهيون ڪيون ۽ لانڍي ٽو جي آبادگارن کي خاطري ڪرائي ته ورڇ موجب پاڻي ڏنو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button