ڪراچي : غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيا مري چيو آهي ته عمران خان کي مسجد نبوي واقعي تي عوام کان معافي وٺڻ گھرجي ۽ کيس پي ٽي آئي جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن پاڪستان تي بيان بازي ۽ حملو ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ کپي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان هن وقت پرڏيهي فنڊنگ ڪيس بابت فيصلي جي آخري مرحلي ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي ايم اين اي رومينا خورشيد عالم پڻ موجود هئي. وفاقي وزيرشازيه مري مسجد نبوي سانحي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان ملڪي معاشري ۽ ثقافت جو چهرو بگاڙي ڇڏيو آهي. هن چيو ته مسجد نبوي ۾ ھڪ عورت وزير سميت ڪابينا جي ميمبرن خلاف نازيبا ٻولي استعمال ڪئي وئي. اڳوڻي ڪابينا جا ميمبر انتهائي افسوسناڪ واقعي جي حمايت ڪري رهيا آهن. عمران خان حد ۾ رهي سياست ڪري، پي ٽي آئي جي ڪارڪنن کي ڏنل تربيت مان ڪو به سياسي پارٽي جو ڪارڪن خوش نه ٿيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ملڪ ۾ غلط رجحان قائم ڪيو آهي ۽ سندس پيروڪار سندس نقش قدم تي هلي رهيا آهن. شازيا مري چيو ته عمران خان کي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ عمران کي خدشو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو سندس خلاف اچي رهيو آهي. ان ڪري اھي هاڻي اليڪشن ڪميشن تي حملا ڪري رهيا آهن. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن هڪ آزاد ۽ آئيني ادارو آهي، جنهن جي نظر ۾ سڀ برابر آهن. پرڏيهي فنڊنگ ڪيس بابت اليڪشن ڪميشن اڄ فيصلي واري مرحلي تي پهچي چڪي آهي ته پوءِ عمران خان کي ڪهڙي ڳالهه جو خوف آهي. اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي ايندڙ جلسي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جي سڏ تي ماڻهو گهرن مان ٻاھر نه نڪرندا. بي آءِ ايس پي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ 8 لک 20 هزار مستحقين کي لسٽ مان ڪڍيو ويو هو پر انهن کي اپيل جو اختيار ڏنو ويو آهي ته هو انهن جي ڪيسن تي نظرثاني ڪري سگهن ۽ اصل مستحق ماڻهن کي انهن جي اهليت جو جائزو وٺڻ بعد بحال ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close