پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ پاڻي لائين ڪڍائڻ خلاف شهرين جو احتجاج

سامارو: سامارو شھر جي وارڊ نمبر 3 ۽ 4 جي رھواسين عبدالرحمان عرف پائلٽ قائمخاني، چوڌري لياقت چوڌري، بشير چوڌري، ارشد چوڌري، محمد طارق چوڌري، ارشد انور خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. هنن ميڊيا آڏو دانھيندي الزام ھڻندي چيو ته اسان جي وارڊن 3 ۽ 4 جي ھائير سيڪنڊري اسڪول روڊ تي مراد شاهھ چوڪ وٽان پاڻي سپلائي ڪندڙ 3انچ واري پاڻي پائيپ لائين مان ٽائون انتظاميا ۽ يوسي ون ۾ منظور قائمخاني ملي ڀڳت ڪري مبينا رشوت تي ٻٽ ٿي منظور ٽائون تائين 4 انچ واري پاڻي پائيپ لائين ڪڍرائي منظور ڪالوني تائين پاڻي پائيپ لائين وڇائي غير قانوني طور پاڻي سپلائي ڪن پيا، جنهن سبب اسان جي علائقن ۾ پاڻي نٿو پهچي. ھنن تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا کان گھر ڪئي ته نوٽيس وٺي غير قانوني طور تي اسان جي 3 انچ واري پائيپ لائين مان 4 انچ واري لائين ڪڍائڻ وارو عمل بند ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button