اسلام آبادپاڪستانسنڌ

پيپلزپارٽي سدائين پورهيتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي:خورشيد شاهه

اسلام آباد : پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي پورهيتن جي پارٽي آهي ۽ پيپلزپارٽي سدائين مزدورن هارين ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ اواز اٿاريو آهي. يوم مئي جي حوالي سان هڪ بيان ۾ هن چيو ته ماضي جي حڪومت زراعت جي شعبي کي هٿ کان وٺي تباهه ڪيو. هي شعبو اسان جي معيشت جي ترقي ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي مزدورن، پورهيتن ۽ هارين جي ترقي لاءِ انقلابي قدم کڻندي. خورشيد شاهه چيو ته مزدورن پورهيتن جي ترقي کان سواءِ نه ته ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي ان جو عوام خوشحال ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته مزدورن واري عالمي ڏهاڙي تي اسان اهو عهد ڪريون ٿا ته اسان مزدورن هارين ۽ پورهيتن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪم ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button