پاڪستانسنڌ

پ پ مزدورن جي خودمختياري تي يقين رکي ٿي:نثار کهڙو

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر ۾ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سينيٽر ڪرشنا ڪماري ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي انساني حقن بابت خاص مددگار ويرجي ڪولهي پاران پروگرام منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ پ پ سنڌ جي صدر، سينيٽر نثار احمد کهڙو، سينيٽر ڪرشنا ڪماري ۽ سينيٽر انجنيئر گيانچند، ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ايم پي اي قاسم سراج سومرو، صلاحڪار پونجو ڀيل، پ پ اڳواڻ سردار کوسو، غني کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽر ۽ پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر انجنيئر گيانچند چيو ته پ پ هميشه مزدورن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي. پ پ ڊويزن ميرپورخاص جي ڊويزنل صدر ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي چيو ته پ پ غريب مزدورن ۽ هارين جي پارٽي آهي. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جدوجهد ذريعي نيازي حڪومت مان عوام جي جان ڇڏائي آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو خطاب ڪندي چيو ته پ پ مزدورن ۽ هارين جي خودمختياري تي يقين رکي ٿي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪارخانن ۽ صنعتن ۾ مزدورن کي بنيادي حق ڏئي کين مالڪ بڻائڻ چاهيندو هو. مزدور اهي ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي محنت سان ادارن کي هلائيندا آهن. پورهيتن کي طاقت جو سرچشمو ذوالفقار ڀٽو ٺاهيو هو. هن چيو ته ذوالفقار ڀٽو کان اڳ مزدورن جو ڏينهن نه ملهايو ويندو هو، پر 1970ع ۾ ڀٽو مزدورن جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو. هن چيو ته رياست جو ڪم آهي ته عوام کي روزگار ڏي. هن چيو ته ٿرپارڪر وارن عمران خان کي لاٿو آهي، ان ڪري اوهان کي مبارڪ هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button