بلوچستانپاڪستان

ڪوئيٽا ۾ ڪسٽم انٽيليجنس جي آفيس ۾ ڌماڪو، هڪ زخمي

ڪوئيٽا: ڪوئيٽا ۾ ايئرپورٽ روڊ تي ڪسٽم انٽيليجنس جي آفيس ۾ ڌماڪو ٿيو آهي. ڌماڪي ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڌماڪي کانپوءِ عمارت ۾ باهه لڳي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳايو پيو وڃي، ڌماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز به واقعي واري هنڌ پهتي ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو. ڪسٽم آفيسر جي سيڪيورٽي گارڊ پوليس کي ٻڌايو ته 3 هٿياربند آفيس ۾ داخل ٿيا، جن عملي کي يرغمال بڻايو، هٿياربندن عملي جا هٿ ٻڌي ڇڏيا ۽ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، هٿياربند نڪرندي ئي ڪسٽم جي آفيس ۾ ڌماڪو ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button