پاڪستان

سعودي عرب پاڪستان جي معيشت لاءِ حمايت جاري رکندو: گڏيل پڌرنامو

جده: پاڪستان ۽ سعودي عرب سلامتي ۽ استحڪام، تشدد، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي، اتحاد جي فروغ، خطي جي ملڪن جي خودمختياري ۽ انهن جي جاگرافيائي سالميت جي حمايت جي عزم کي ورجايو آهي، سعودي عرب پاڪستان ۽ ان جي معيشت جي بهتري لاءِ مسلسل حمايت جاري رکندو، سعودي عرب مرڪزي بئنڪ ۾ جمع ڪرايل 3 ارب ڊالر جي مدي ۾ توسيع ۽ ان ۾ اضافي، پيٽروليم مصنوعات جي فنانسنگ وڌيڪ وڌائڻ جا امڪان ڳولڻ ۽ معاشي ڍانچي جي سڌارن ۾ مدد ڪندو، ٻنهي ملڪن خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت سمورن مسئلن جي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل جي ضرورت تي زور ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button