پاڪستانخيبرپختونخوا

خيبرپختونخوا حڪومت جو اڄ صوبي ۾ عيدالفطر ملهائڻ جو اعلان

پشاور: خيبرپختونخوا جي صوبائي حڪومت اًڄ صوبي ۾ عيدالفطر سرڪاري سطح تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. صوبائي حڪومت جي ترجمان بئريسٽر محمد علي سيف اعلان ڪيو ته خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن مان شوال جو چنڊ نظر اچڻ جون 130 شاهديون مليون جنهن ڪري اڄ صوبي ۾ عيد ملهائي ويندي. هن چيو ته صوبائي حڪومت سومر ڏينهن 2 مئي تي سرڪاري طور تي عيد الفطر ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اڄ سڄي صوبي ۾ عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي. هن سڀني شهرين کي عيد جون واڌايون پڻ ڏنيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button