پيرولاشاري: پيرولاشاري شھر ۽ ڀرپاسي جي شهرن ۾ وڌندڙ مھانگائي خلاف رهواسين ممتاز پٺاڻ، سومرو عمراڻي، علي حسن پٺاڻ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ھنن ٻڌايو ته پيرولاشاري، مورجهر موري، مڇاري، ٻاريجي موري، پرتو آريسر، ساريجاموري سميت ننڍن توڙي وڏن ڳوٺن ۾ پوري رمضان شريف جي مھيني ۾ ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب عيد جي موقعي تي دڪاندارن فروٽ، سبزين، ڪريانه سميت روزمرہ جي استعمال ٿيندڙ شين جي اگهن ۾ ٻيڻي واڌ ڪري ڇڏي آهي، دڪانن تي گيھه 450 روپيا ڪلو، چانور ايري 80 کان 90، باسپتي 190 رپيا ڪلو، کنڊ 100 کان 110 رپيا ڪلو، داليون 200 کان 250 رپيا ڪلو ٿي ويون آهن. جڏهن ته مڇي 400 کان 500 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، مرغي جو گوشت 550 کان 600 روپيا ڪلو، وڏو گوشت 800 روپيا کان 900 رپيا ڪلو وڪامي پيو.
سبزين ۾ ڀينڊيون 180 روپيا ڪلو، ٽماٽا 200 روپيا ڪلو، آلو 50 روپيا ڪلو، بصر 60 کان 80 روپيا ڪلو، توريون، ميھا، ڪريلا، بندگوبي جي اگهن ۾ به واپارين رڪارڊ واڌ ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته درزين پنھنجي ڪسر نه ڇڏي سلائي 700 سئو کان 1000 روپيا وڳو ڪري ڇڏي آهي. جنهن ڪري مزدور ڏهاڙي کڻندڙ پورهيت توڙي غريب عوام سخت پريشان بڻيل آهي. پيرولاشاري شھر ۾ عوام جي لا يوٽيلٽي اسٽورن نه هجڻ سبب عوام کي سهولتون نه ملي سگهيون. هنن ضلعي بدين انظاميه ۽ اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ اي سي تلھار ۽ ڪلرڪ قادر پتافي کي ھٽائي مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.