راڌڻ: راڌڻ ۾ ڳوٺ گل محمد جتوئي تي پوليس چڙهائي ۽ گرفتارين خلاف ڪمال جتوئي، نويد جتوئي، سڪينا، فرزانا، وحيدان، عاشيا جتوئي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته روشن جتوئي سان زميني تڪرار هلندڙ آهي، جنهن پنهنجي ڪمدار ذريعي اسان خلاف موٽر سائيڪل چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي، جنهن بعد پوليس گهرن تي چڙهائي ڪري ممتاز جتوئي، معشوق، وحيد، ديدار، منٺار ۽ يوسف جتوئي کي کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس جي گهر ڪئي
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close