پاڪستانسنڌ

تلهار ۾ 2 مهينن کان گم ٿيل معصوم نياڻي جو پتو نه پيو، احتجاج

تلھار: تلھار ويجھو فقير جي ٻني وٽان اسلم خاصخيلي جي 13 ورھين جي نياڻي ھميران اڍائي مھينن کان لاپتا ھجڻ ڪري وارث سراپا احتجاج بڻيل آهن، ان سلسلي ۾ اسلم عرف لکي خاصخيلي صحافين آڏو ڌانھيندي چيو ته اڍائي مھينا اڳ جھڏو مان اياز چانڊيو، توحيد خاصخيلي، ناظم ۽ اوبيا خاصخيلي ۽ ٻين نامعلوم ماڻهن ھٿيارن جي زور تي صبح جو 9 وڳي گھر ۾ داخل ٿي 13 ورھين جي منھجي نياڻي ھميران کي زبردستي پاڻ سان گڏ وٺي ويا، جنھن کي اڍائي مھينا گذرڻ باوجود ظاھر ناھي ڪيو ويو.

اسان کي شڪ آھي ته بااثر ماڻھن وٽ نياڻي کي وڪرو ڪيو ويو آھي يا ته ماري پوري ڇڏيو اٿن، اسان ڪجھه ڏينھن اڳ توحيد جي وڏي ڀا معظم خاصخيلي کي دانھون ڏنيون ۽ نياڻي بابت رابطو ڪيو پر ان نمبر تان به اسان کي موتمار ڌمڪيون مليون ۽ چپ نه چورڻ لا زور ڀريو ويو، اسان اپيل ڪيون ٿا ته منھنجي 13 ورھين جي نياڻي ھميران کي رھزنن وٽان فوري بازياب ڪرائي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button