پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ عيدالفطر جي نماز جو مرڪزي وڏو اجتماع عيدگاھه ۾ ٿيندو

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ عيدالفطر جي نماز جو مرڪزي وڏو اجتماع عيدگاھه راڻي باغ ۾ ٿيندو. حيدرآباد شھر لطيف آباد، قاسم آباد ۽ حيدرآباد ٻھراڙي تعلقي سميت حيدرآباد ضلعي جي سمورن شھرن ۽ ڳوٺن جي مسجدن، امام بارگاھن، عيد گاھن ۽ کليل ميدانن تي عيد نماز ادا ڪئي ويندي. حيدرآباد ۾ قدم گاھه مولا علي عه تي به عيدنماز جو وڏو اجتماع ٿيندو.

عيد جي موقعي تي حيدرآباد پوليس طرفان سيڪيورٽي پلان جوڙيندي مسجدن، امام بارگاھن، عيد گاھن ۽ کليل ميدانن تي عيد نماز پڙھندڙن لا سيڪيورٽي لا پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. حيدرآباد جي بازارن ريشم بازار، شاھي بازار مان عورتن توڙي ٻارن عيد واري رات به خريداري ڪئي. چوڙين ۽ ميندي جي وڏي پئماني تي خريداري ڪئي وئي. ڪپڙن جي رنگن مطابق چوڙيون خريد ڪري عيد جي رنگ کي رنگين ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button